سيتاسر ساڌٻيلو

سيتاسر (ساڌٻيلو): سکر ويجهو سنڌو درياهه جي ڪپ تي پاڻيءَ جي مٿاڇري سان ٺهڪندڙ سئين پٽي واري ٽڪري مٿان کجين جي جهرمٽ ۾ هڪ گنبذ جڙيل آهي، جنهن کي ساڌ ٻيلو چيو وڃي ٿو. اها ٽڪري هڪ ميل جي گهيري تائين پاڻيءَ هيٺان هوندي هئي. سياري جي موسم ۾ درياهه جي جهڪي ٿيڻ تي وري ظاهر ٿيندي هئي. آبڪلاڻي ۾ ان جو ڪو نشان نظر ڪو نه ايندو هو. ان ڪري مٿان ايندڙ ڪيئي ٻيڙيون ان سان ٽڪرجي پرزا پرزا ٿي درياهه ۾ ٻڏي ٿي ويون. ان صورتحال کي ڏسندي مير معصوم بکري 1014هه/1605ع ۾ هڪ وڏي ٻيڙي پٿرن سان پرائي اتي وجهرائي ڇڏي. انهيءَ ڀراءَ پوڻ کان پوءِ هڪ سائو گنبذ تيار ڪرائي مٿس ’سيتا سر‘ نالو رکيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو